Inauguration Ceremony
پريس رليز
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي نالي سان ڪارنر قائم، سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مظهر الحق صديقي، شيخ اياز جي نياڻي روهي اياز، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ربين ڪاٽي ڪارنر جو افتتاح ڪيو.
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري جي نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۾ شيخ اياز ڪارنر جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ 6500 ڪتاب رکيا ويا آهن، ڪارنر ۾ موجود ڪتاب شيخ اياز جي خاندان پاران زرعي يونيورسٽي کي ڏنا ويا آهن. شيخ اياز ڪانر جي افتتاح جي موقعي تي آيل مهمان خاص سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مظهر الحق صديقي، روهي اياز، لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام ۽ ٻين آيل مهمانن ڊائري تي پنهنجا تاثرات لکيا. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ شيخ اياز ڪارنر بابت سيمينار منقعد ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مهمان خاص سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مظهر الحق صديقي چيوته شيخ اياز پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ جي ماڻهن جي حقيقي رهنمائي ڪئي، اسان جي نئين نسل کي گهرجي ته شيخ اياز جي ڪتابن جو مطالعو ڪن ته جئين انهن کي شيخ اياز جي زندگي بابت ڄاڻ ملي سگهي، هن چيو ته زرعي يونيورسٽي جو هي بهترين قدم آهي جو هنن هڪ مهان شاعر جي ڪتابن کي هر عام و خاص ۽ شاگرد طبقي کي پڙهڻ لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي، ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سنڌ جي واحد زرعي درسگاھ آهي جيڪا ڪيترن ئي لهر ۽ لوڏن باوجدو پنهنجي وجود برقرار رکندي آئي آهي، ان اداري ۾ شيخ اياز ڪارنر قائم ٿيڻ اسان جي وڏي خوشنصيبي آهي، هن چيو ته شيخ اياز جي خاندان اسان مٿان وڏو ڀروسو ڪري اهي قيمتي ڪتاب فراهم ڪيا آهن، جيڪي هن اياز ڪارنر ۾ موجود آهن سنڌ جا ماڻهو وڻن جي ڇانوري واري ماحول ۾ شيخ اياز کي پڙهندا اهڙا موقعا تمام گهٽ ملندا آهن، هن چيو ته زرعي يونيورسٽي ان لائبريري کي انٽرنيٽ سطح تي وڌائي رهي آهي، نه فقط شيخ اياز پر سنڌ جي زرعي ۽ پاڻي ماهر ايم ايڇ پنهور جو افتتاح پڻ جلد ڪرايو ويندو.تقريب ۾ شيخ اياز جي نياڻي روهي اياز چيو ته منهنجي والد جي خواهش هئي ته منهنجا سمورا ڪتاب سنڌ جي آئيندي نسل جي ڪم اچن، هن هميشه ڪتاب سان محبت ڪئي ۽ اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي جو سندن ورتل ڪتابن کي زرعي يونيورسٽي جي لائبريري ۾ سندن ئي نالي سان منسوخ ٿيل ڪارنر ۾ نئين نسل جي مطالعي لاءِ رکيو ويو آهي، ان موقعي تي نالي واري ليکڪ انعام شيخ، سينيئر صحافي ناز سهتو، نصير مرزا، پروفيسر نور احمد جنجهي، پروفيسر عبدالله آريجو، شوڪت شورو، قاضي خادم، پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ تاج جويو، نثار کوکر، ذوالفقار هاليپوٽو، الطاف کيڙو، رفيق عيساڻي، مٺل جسڪاڻي سميت اديب، ليکڪن، زرعي يونيورسٽي جي شاگردن، استادن ۽ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڀلوڙ راڳي برڪت فقير شيخ اياز جي وائي پڻ پيش ڪئي،
فوٽو موڪليا ويا آهن.
علي اصغرڀٽي
پبلڪ رليشنز آفيسر
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام